سحر انصاري

سحر انصاري

سحر انصاري

سحر انصاري: اردو زبان جي مشهور اديب، شاعر ۽ نقاد سحر انصاريءَ جو اصل نالو انور مقبول انصاري آهي. هن اورنگ آباد (دکن) ۾ 1941ع ڌاري جنم ورتو، پر سندس اباڻو ڳوٺ امروهه هو. ستين ڪلاس تائين اورنگ آباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. 1950ع ۾ والدين سان گڏ ڪراچيءَ هليو آيو. 1958ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد ڪراچيءَ مان بي. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب، اردو ادب ۽ لسانيات ۾ ايم. اي جون سنَدون حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تدريس جي مشغلي سان وابسته ٿيو، هن پهرين بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپجي ويو. ان کانپوءِ برٽش هاءِ ڪميشن جي اطلاعات شعبي ۾ انفارميشن آفيسر طور ملازمت اختيار ڪيائين.
سحر انصاريءَ، زندگيءَ جو پهريون شعر 15 سالن جي عمر ۾ هڪ طرحي مشاعري ۾ پڙهيو. شاعريءَ ۾ هي جالب مرادآباديءَ جو شاگرد آهي. سندس هيٺان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) خدا سي بات ڪرتي هين، (2) ڌنَڪ تال (ترجمو)، (3) نمود (1976ع).
سحر انصاريءَ جو اردو ادب سان گڏ سنڌي ادب جو به وسيع مطالعو آهي. هن لطيفيات ۽ ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي مضمون لکيا آهن. ثقافت کاتي سنڌ جي ڪيترن ڪتابن خاص ڪري آغا سليم جي شاهه لطيف جي منظوم اردو ترجمي جي نظرثانيءَ ۾ سحر انصاريءَ جو ڪافي هٿ رهيو آهي. هي سنڌ اندر سنڌي- اردو ادبي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.
سرڪار پاران سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ’تمغه امتياز‘ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

لفظ سحر انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو